SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادائگين جو توازن


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ادائگين جو توازن

Balance of Payments BOP

بئلنس آف پئمينٽس

هي اصطلاح ڪنهن به رياست طرفان باقي دنيا سان ٿيندڙ معاشي ڪاروهنوار جي دوران اهڙي توازن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن موجب واپار، سيڙپ، ايڪسپورٽ، امپورٽ، سامان، خدمتن، مالي تبادلي ۽ ڪاروبار ڪندي ڪنهن به رياست جي آمدني ۽ ادائگيون هڪٻئي جي برابر هجن، ته ادائگين ۾ توازن پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ توازن جو خاص مُدي جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو عام طرح هڪ سال هوندو آهي . قومن وٽ محفوظ موڙي، ڏيساور موڪليل سامان ۽ ٻين قومن/ ڌُرين مٿان واجب قرض سندن معيشيت لاءِ سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو آهي. جڏهن ته ٻاهران سامان گهرائڻ ۽ ملڪ کان ٻاهر سيِڙپ ڪرڻ وارو عمل ناڪاري سمجهو ويندو آهي. جاپان جهڙيون امير رياستون موڙي ۽ انهن ادائگين جي حوالي سان فائدي ۾ آهن. جڏهن ته ٽين دنيا جي تيل اُپائيندڙ رياستن کي ڇڏي ٻيون اڪثر رياستون ان حوالي سان منفي رُجحان رکن ٿيون. جيڪا رياست ان ڏس ۾ توازن نٿي رکي ، ان رياست جي سياسي ساک کي ڌڪ لڳي ٿو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۾ آيل اهڙي عدم توازن سبب سندس دنيا جي قيادت واري مرتبي ۽ حيثيت تي ناڪاري اثر پيا هُئا


Remember Me Also:

حسن

ذ. صفت. [ع. حَسُنَ = موچارو ٿيو] سٺو ، چڱو ، ڀلو ، عمدو ، سهڻو ، خوبصورت. اسم خاص. حضرت عَلي ع جن جي فرزند ارجمند جو نالو، جن جي وفات زهر ملڻ سبب ٢٨ صفر ٤٧ هجريءَ ۾ ٤٧ ورهين جي ڄمار ۾ ٿي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal